بيبي جمال خاتون سيوستاني

بيبي جمال خاتون سيوستاني: هيءَ بيبي عالم اسلام جي مشهور عارف، ميان مير سنڌي (لاهوريءَ) جي ڀيڻ هئي. نهايت ئي عارفه ۽ زاهده هئي. علم، ترڪ ۽ توڪل ۾، بيبي رابعه بصريءَ جي برابر هئي. هن تعليم، تصوف ۽ تجريد جي راهه رسم، پنهنجي والده سڳوريءَ ۽ سڳي ڀاءُ کان حاصل ڪئي. بيبي صاحبه، درس ۽ تدريس جو ڪم پنهنجي گهر ۾ ڪندي هئي. سال 1049هه/ 1639ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو